Monday, June 22, 2009

Kashmore facing problems like that!

منهنجي لاءِ اهو تمام وڏو مسئلو آهي ته آءُ قلم ڪار ۽ حق و سچ جو پيروڪار ٿيڻ باوجود پنهنجي جنم ڀومي جنگشاهي ڪوهستان ضلعي ننگر ٺٽي جي ڳاڙهي لعل سرخ سرزمين جي مسئلن بابت ڪجهه نه لکان؟ مجرمانه خاموشي اختيار ڪري چپ ڪري ويهي رهان. اِهو گهٽ ۾ گهٽ مونکان نه ٿيندو. پر سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ماٺ ٿو ڪريان ته مشرڪ ۽ ڪڇان ٿو ته ڪافر ٿو ٿيان. ڇو ته اسان جي علائقي ۽ ملڪ جا ماڻهو هوندي اکين انڌا، ڪنن هوندي ٻوڙا ۽ زبان هوندي گونگا آهن. ايترا ته پيڙهيل، ڪچليل ۽ ذهني طرح سان بليڪ ميل ٿيل بلڪل اٻوجهه قسم جا ماڻهو آهن جو اَڇن ڪپڙن، چئن رپين ۽ پڙهيل ڪڙهيل مڪار، معيار ۽ چالاڪ قسم جي ماڻهن کان جلدي متاثر ٿي وڃن ٿا. غلط استعمال ٿيڻ ۾ دير نه ٿا ڪن. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪ دفعو اسان احتجاجي جلسو ڪيو ته پاڻي نه آهي ڇو ڀلا؟ ڪربلا ڪربلا آهي ته ٻئي ڏينهن اسان جي خلاف پاڻي وڪرو ڪندڙن ظالم وڏيرن سان گڏجي اسان تي لعنتون ڪري رهيا هئا. ليڪن آءٌ هنن کي قصور وار ۽ ڏوهاري قرار ڏيڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيان ڇو ته اها پوري ڄاڻ ۽ علم رکان ٿو ته هنن جون ننڍيون ۽ وڏيون مجبوريون کين اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون تن جو ظالم وڏيرا ۽ سندن خريد ٿيل ايجنٽ ڀرپور فائدو وٺن ٿا. کين هڪ ٻئي خلاف برغلائي ڀڙڪائي، ويڙهائي، مارائي، غلط استعمال ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.

بهرحال اهو لکڻ ۽ تمهيد ٻڌڻ جي ضرورت انهيءَ لاءِ پيش آئي ته جيئن پڙهندڙ ڀائرن کي اصل حقيقتن ۽ مسئلن کان باخبر رکڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ پيش نه اچي. نمبر-1 پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو، هاليجي ڍنڍ کان واٽر سپلاءِ جي لائين پيل آهي. جنهن جو پاڻي بلڪل پيئڻ جي قابل نه آهي. اُهو به مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا مشڪل سان ملي ٿو اهو به جيئن ايندو آهي ته بجلي هلي ويندي آهي. ٻيو جنگشاهي شهر اچڻ کان اڳ سڀ کان وڏو ڳوٺ منگر خان پليجو اچي ٿو. ان ڳوٺ جا شرابي، جواري، زاني ۽ اوباش قسم جا ماڻهو مين لائين ۾ وڏا وڏا سوراخ ڪري ڇڏين ٿا. پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا کڏا ٽيڪٽرن سان ٺهرائي ڇڏيا اٿن اڌ پاڻي اڌ رستي ۾ اهڙي طرح سان ضايع ٿي وڃي ٿو. ان ڳوٺ کان ٿورو اڳتي ڳوٺ محمد صفر جوکيو اچي ٿو جنهن جي رهواسين مان سابق پوليس حوالدار احمد علي جوکيو ناظم يوسي جنگشاهي بشير احمد جوکيو جو خاص ملازم آهي. سدائين واٽر سپلاءِ جو انچارج رهيو. ڳوٺ محمد صفر جوکيو ۾ هن جي خاص عزيزن جي ڏهن ٻارنهن گهرن ۾ واٽر سپلاءِ جي مين لائين مان ٻن ٻن انچن جا ڪنيڪشن ڏنل آهن. جن گهرن سامهون ننڍا ۽ وڏا باغيچه بنائي رکيا آهن تن ۾ ليمن جي وڻن کانوٺي هر قسم جا گل ٻوٽا ڀاڄيون وغيره پوکيل آهن. باقي بچيل اڌ پاڻيءَ جو وڏو حصو ڳوٺ محمد صفر جوکيو و غير قانوني ڪنيڪشن ذريعي ضايع ٿي وڃي ٿو. هاڻي توهان پاڻ فيصلو ڪريو ته جنگشاهي شهر ۽ آسپاس جي ٻين ڳوٺن کي ڪيترو پاڻي ملندو هوندو. تن ۾ به ڳوٺن ۾ يا شهر ۾ اهڙا سرندي وارا ماڻهو رهيل آهن جن هاءِ پاور جون وڏيون موٽرون لڳائي رکيون آهن اُهي چالو ٿينديون آهن ته پوءِ ٻين کي پاڻي ملي اِهو ناممڪن بڻجي ويندو آهي. غرض ته ڍاول ڍؤ ۾ ۽ اُڃايل، اُڃايل رهجي ويندا آهن. جن غريبن جي گهرن ۾ مٽرون نه آهن تن جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي مٿن تي گهڙا ۽ ڪپڙن جون ڀريون هونديون آهن پاڻيءَ جي تلائن تي بکين بگهاڙن جي نظرن کان لڄي ٿي خالي گهڙا ۽ ميرا ڪپڙا کڻي واپس گهرن ڏانهن موٽي وينديون آهن.

پاڻيءَ جي هڪ ٻي لائين هاليجي کان ڳوٺ سبز علي بروهي ۽ چند ٻين ڳوٺن جن ۾ يو سي ناظم بشير احمد جوکيو جو ڳوٺ به شامل آهي. تن به وڏيون موٽرون لڳائي غير قانوني ڪنيڪشن ڪري باغ لڳائي رکيا آهن تنهن لائين مان به غريبن کي پاڻي ملڻ محال آهي. هونئن به پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿئي ٿو ته پوءِ يو سي ناظم بشير احمد جوکيو جا ٽينڪر بيهي رهن ٿا. سندس روزگار ۽ ڪاروبار بند ٿي وڃي ٿو. اهو مسئلو خدا تعاليٰ حل ڪري سگهي ٿو. برسات وسائي ته سک ٿي سگهي ٿو.

نمبر ٻيو مسئلو تعليم، پرائمري کانوٺي هاءِ اسڪول تائين تعليم تباهه انهيءَ ڪري ٿي ويئي آهي ڇو ته ڇوڪرين توڙي ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ ماستر ۽ ماسترياڻيون گهڻي قدر پليجو قبائل سان واسطو رکن ٿا. جن کي ڪنهن جو خوف يا ڪوبه قدر ۽ احساس نه آهي پنهنجن ذات جي ٻارن ۽ ڳوٺن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٽيوشن سينٽر، پرائيويٽ اسڪول ۽ سکيا گهر ٺاهي ڇڏيا آهن پگهار سرڪار کان وٺن ٿا ۽ پڙهائين صرف پنهنجن ٻارن ۽ ذات وارن کي ۽ اسڪولن ۾ صرف اخبارون پڙهڻ ۽ سياست ڪرڻ ۽ حاضري لڳائڻ لاءِ اچن ٿا. پنهنجن ٻارن کي نقل ڪرائي پاس ڪرائين ٿا ۽ تعليم کاتي سان واسطو هئڻ سبب ٻين کان وڌ مارڪون ڏيارين ٿا. غريب ۽ اٻوجهه عوام جي تعليم، تربيت ۽ تهذيب جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو اٿن.

نمبر3 صحت: پيئڻ لاءِ پاڪ ۽ صاف پاڻي نه ملڻ سبب خارش ۽ ٻيا موذي مرض تمام گهڻا وڌي چڪا آهن. مليريا مڇرن ڪري بخار، پيٽ جي سور ۽ گردن ۾ پٿري جهڙا مرض عام جام آهن. ڊاڪٽر به پليجا آهن. سفارش، رشوت ۽ اثر رسوخ سبب هر اداري تي پليجن جو قبضو ۽ مڪمل ڪنٽرول آهي. سياست جي اُفق تي سندن گرفت تمام مضبوط آهي. ٻيا قبيلا سندن مقابلي ۾ تمام هيچ ۽ نيچ حيثيت ۾ گذارو ڪن ٿا.

روڊ ۽ رستا ٻيا آمدرفت جا ذريعا، ريلوي اسٽيشن جنگشاهي ڪنهن زماني ۾ جنگشن جي حيثيت رکندي هئي. جتي پيسنجر ۽ ايڪسپريس تمام گاڏيون اسٽاپ ڪنديون هيون. تڏهن ٺٽي کان جنگشاهي يا کڻي چئجي ته جنگشاهي کان ٺٽو، بدين، چوهڙ، شاهه يقيق، غلام الله، ور، ساڪرو، گهوڙاٻاري، جاتي ۽ علائقي جي ٻين شهرن سجاول، بٺورو، جهوڪ شريف ۽ ٽنڊو محمد خان تائين سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ جون اسپيشل بسون باقاعدگي سان هلنديون هيون. اڄڪلهه اها حالت آهي ته ٻه ٽويوٽا ويگنيون جيڪي ٺٽي کان بدين يا حيدرآباد هلنديون آهن. اُهي رات جنگشاهي ۾ اسٽاپ ڪنديون آهن تن جا مالڪ ڳوٺ سبز علي بروهي جنگشاهي جا رهواسي آهن اهي گاڏيون نه هجن ته ڪوبه سرڪاري ملازم جنگشاهي کان مڪلي ٺٽو تائين به وقت تي هرگز پهچي نه سگهن ها نه ئي روزگار ۽ ملازمت ڪري سگهن ها. صرف هڪ ريل گاڏي مهراڻ ايڪسپريس اسٽاپ ڪري ٿي جيڪا به ڪڏهن به مقرره وقت تي اچي ٿي نه ئي وڃي ٿي. هونئن به هن جو وقت اهڙو آهي جو ڪوبه ملازم ڪراچي، حيدرآباد، داٻيجي، بن قاسم پپري، جهمپير ۽ ڪوٽڙي ڊيوٽي ٽائيم تي پهچي نه ٿو سگهي. جنگشاهي جي غريب عوام ريل گاڏين جا اسٽاپ بحال ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪيا آهن. اپيلون ۽ درخواستون ڪيون آهن پر سندن ڪابه سنوائي ۽ فرياد ٻڌو نه ٿو وڃي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته فقير جادم مڱريو مملڪتي ۽ وفاقي وزير ريلوي جي حڪم کي ريلوي جو ڊي ايس هڪ ننڍڙو آفيسر به نه ٿو مڃي.

ڳالهه اها آهي ته جنگشاهي ڪوهستان ضلعي ٺٽي جا مظلوم مسڪين مارو قسم جا ماڻهو هر قسم جي انساني بنيادي سهولتن ۽ حقن کان محروم آهن بجلي جهڙي آهي تهڙي نه آهي. لوڊشيدنگ کي ڇڏيو، تارن ۽ کنڀن جو اهڙو حال آهي جو ٿوري هوا تيز هلي ته بجلي جون تارون ٽٽي هيٺان لنگهندڙ ماڻهن ۽ جانورن تي ايئن ڪري پوندون آهن جيئن ڪک ۽ ڪاغذ هجن، ماڻهو سڙهي مري ويندا آهن جيئن جانور مري ويندا آهن تيئن سندن ڪوبه سارسنڀال نه لهندو آهي. خدانخواسته سالن کان پوءِ برسات پوندي آهي ته ڪيئي ڏينهن بجلي نه ايندي آهي.

غريبن ۾ هونئن به برايون ۽ ڪمزوريون تمام گهڻيون هونديون آهن. جوا جا اڏا، گٽڪن جا انبار ۽ ڪچي شراب جا مٽ چڙهيا پيا آهن مال مڻن برابر موجود آهي جنهن کي کُٽي کڻي يا علي جوکيو برانڊ جون ٿيليون ايئن ملي رهيون آهن جو هر استاد ۽ شاگرد جي هٿ ۾ شام جو ٿيلي هوندي آهي. گڏجي ڍوري جي پيٽ ۾ ويهي پيئندا آهن. توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته جتي ۽ جنهن معاشري ۾ استاد ۽ شاگرد شراب، چرس، هيروئن گڏجي پيئندا هجن جوا کيڏندا هجن اُتي ٻيون برايون گهٽ هونديون؟ براين ۽ مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل عوام جا ڪهرا حال هوندا؟ تنهنجو اندازو توهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا.

اخبارن ۾ مضمون ۽ بيان ڇپجي رهيا آهن پر ڪنهن تي به ڪوبه اثر نه ٿو ٿئي. ڪنهن هڪ برائي يا ظلم خلاف ڪارروائي ٿئي ته برايون ۽ مسئلا ختم يا گهٽ ٿي سگهن ٿا پر سڀ کان وڏو ظلم اهو آهي ته جنگشاهي جي سرزمين رسول بخش پليجي صاحب ۽ سسئي پليجو صاحبه جهڙا مها انقلابي اڳواڻ پيدا ڪيا آهن اهي به جنگشاهي پنهنجي جنم ڀومي جو غلطي سان ذڪر ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن انهيءَ لاءِ شاهه لطيف جي چواڻي موجب ته:

سرجيس ته سور، سامياسين ته سک ويا،

اِهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.