Thursday, August 20, 2009

سنڌ،بلوچستان ۽ پنجاب جي اعليٰ پوليس عملدارن جي گڏجاڻي،ڏوهارين جي لسٽن جي مٽاسٽا،سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

سنڌ،بلوچستان ۽ پنجاب جي اعليٰ پوليس عملدارن جي گڏجاڻي،ڏوهارين جي لسٽن جي مٽاسٽا،سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

ڪشمور/گڊو(نمائندن وٽان) سنڌ،بلوچستان ۽ پنجاب جي اعليٰ پوليس عملدارن جي گڏجاڻي،ڏوهارين جي لسٽن جي مٽا سٽا ڪئي وئي،عملدارن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو،ڄاڻ موجب گڊو ۾ ريسٽ هائوس ۾ سنڌ،بلوچستان ۽ پنجاب صوبن سان تعلق رکندڙ پوليس کاتي جي سينيئر عملدارن جي بين الصوبائي پوليس ڪانفرنس آر پي او سکر محمد رمضان چنا جي سربراهي ۾ ٿي،آر پي او بهاولپور مشتاق سکيرا آر پي او سبي غلام شبير شيخ، آر پي او ڊي جي خان مبارڪ علي اطهر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ثناءُ الله عباسي، ڊي پي او جيڪب آباد پير فريدجان، ڊي پي او گهوٽڪي غازي صلاح الدين، ڊي پي او ڪشمور مظهر نواز شيخ سميت رحيم يار خان ۽ راجن پور جي ڊي پي اوز سميت پوليس عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته گڏجاڻي ۾ رينجرز عملدارن ڪرنل آصف ۽ ڪمانڊنٽ ڀنڀور رائيفلز ڊيرا بگٽي پڻ شرڪت ڪئي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته گڏجاڻي جي موقعي تي پوليس عملدارن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڀنگ خاطر اغوا توڙي قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث روپوش اشتهاري جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ٽنهي صوبن جي پوليس هڪٻئي سان معلومات توڙي هر قسم جي سهڪار جي پابند هوندي ته جيئن هڪ صوبي ۾ ڏوهه ڪري ٻئي صوبي ۾ ڏوهاري آساني سان لڪي نه سگهن، جڏهن ته ٽنهي صوبن جي سرحدن تي قائم پوليس ٿاڻن ۽ چوڪين کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ نفري جي موجودگي کي لازمي بڻائڻ لاءِ پڻ اتفاق ڪيو ويو ته جيئن صوبن جي سرحدن مان ڪنهن به قسم جي اسمگلنگ جي روڪٿام ممڪن ٿي سگهي، جڏهن ته گڏجاڻي جي موقعي تي قبيلائي تڪرارن جي آڙ ۾ امن امان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا، جنهن تحت قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين جي فوري گرفتاري عمل ۾ آڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته گڏجاڻي بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي آر پي او سکر محمد رمضان چنا چيو ته ٽنهي صوبن جي پوليس عملدارن جي ڪانفرنس گهرائڻ جو مقصد پوليس وچ ۾ بهتر سهڪار وارو ماحول پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو فائدو ملي نه سگهي، هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي هر حال ۾ قابو ۾ رکڻ لاءِ ضروري آهي ته ٽنهي صوبن جي پوليس خاص طور تي صوبن جي ملندڙ سرحدن واري ريجن ۾ پوليس وچ ۾ سهڪار وڌايو وڃي ته جيئن هڪ صوبي ۾ ڏوهه ڪري ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڏوهارين جي آمد واري سلسلي کي روڪي سگهجي، هن چيو ته قبيلائي تڪرارن توڙي هر قسم جي ڏوهن ۾ ملوث اشتهاري ڏوهارين جي نالن جي لسٽن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي وئي آهي ته جيئن کين جلد قانون جي گرفت ۾ آڻي سگهجي، هن چيو ته ڪشمور گهوٽڪي ۽ رحيم يار خان ضلعن سان ملندڙ علائقن ۾ هلندڙ ڪوش سولنگي قبيلائي تڪرار ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪرڻ لاءِ ڊي پي اوز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.